تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

گمبٽ ويجهو تازو پرڻيل جوڙي غربت سبب روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

گمبٽ(رپورٽ: حفيظ منگي):گمبٽ ڀرسان ڳوٺ عطا محمد چانديو جي رهواسي شادي شده جوڙي غربت ۽ گهرو اڻبڻت سبب روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. ٽوٻن ذريعي لاشن جي ڳولا جاري. ٻنهي زال مڙس جون چپلون ۽ موٽرسائيڪل روهڙي ڪئنال جي ڪپر تان هٿ ڪيا ويا. گھڻي ڳولا باوجود ٻنهي جا لاش نه ملي سگھيا. گھرن ۾ ڪهرام متل. تفصيل موجب 5 مهينا اڳ شادي ڪندڙ جوڙي غربت ۽ گهرو اڻبڻت سبب روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو، ٽوٻن ذريعي لاشن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. گھڻي ڳولا باوجود لاش هٿ نه اچي سگھيا آهن. ان حوالي سان وارثن ٻڌايو ته نوجوان سڌير ماڙيچو جي گھر واري پوجا کي هيپاٽائيٽس جي بيماري هئي، سندس مڙس وس آهر علاج ڪرائيندو رهندو هو. غربت سبب ڪافي ڏينهن کان پريشان هو. ڪالهه صبح جو ٻئي زال مڙس ڪنهن کي ٻڌائڻ کان سواءِ گهران نڪري روانا ٿيا ۽ ٻنهي ڄڻن روهڙي ڪئنال تي پهچي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. لاشن جي ڳولا جاري آهي پر آخري اطلاعن تائين لاش نه ملي سگهيا هئا. جوڙي جي ويجهن ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ نوجوان سڌير جي گهرو معاملي تان پنهنجي ڀائرن سان اڻبڻت ٿي هئي. وارثن مطالبو ڪيو آهي ته سڌير ماڙيچو ۽ پوجا جي لاشن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 5 مهينا اڳ ٻنهي جي شادي ٿي هئي. گھرو معاملي سبب ٻنهي روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪيو آهي. ٽوٻا گھرايا آهن، لاشن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.