
گهوٽڪي ( رپورٽر) گهوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پوليس ضلعي ۾ آپريشن ڪندي 5 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان پوليس موجب گرفتار جوابدرن کي شڪ جي بنياد تي گرفتاري بعد کين لاڪپ ڪري پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. گرفتار جوابدارن ۾ عاربي مزاري، سعيد مزاري، شاهد مزاري، شاهنواز ۽ وزير مزاري شامل آهن. ترجمان موجب صلعي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس جو مختلف علائقن ۾ آپريشن جاري آهي.