
گهوٽڪي )ن پ ا) گهوٽڪي پوليس طرفان 4 ڏينهن اڳ هاف فراءِ ڪيل جروار واسي جي صحت ۾ بهتري نه آئي، ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ ڊاڪٽرز طرفان ڳوٺاڻي عبدالرحيم گبول جي ڄنگهه ڪٽڻ جو مشورو، پوليس جي گوليءَ جو شڪار ڳوٺاڻي جي وارثن طرفان ڄنگهه ڪٽرائڻ کان انڪار، متاثرن چيو آهي ته پوليس بنا جواز نوجوان کي گولي هڻي سندس زندگي تباهه ڪري ڇڏي، عبدالرحيم گبول جو پنجاب مان به علاج ڪرائڻ نٿو ڏنو وڃي، نوجوان کي ڪجهه به ٿيو ته ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او گهوٽڪي ذميوار هوندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ اڳواڻ نبيل گبول جي رابطي بعد ڊي آءِ جي سکر هاف فراءِ ڪيل ڳوٺاڻي جي وارثن سان رابطو ڪري پنهنجي آفيس گهرائي ورتو آهي