اسلام ڪوٽ(ن پ ا) گوڙاڻو ڊيم جا متاثر حڪومت ۽ انتاميا مان مايوس ٿي ويا آهن، جن انصاف لاءِ ڌرڻو هڻي جدوجهد اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ مختلف ڳوٺن ڪاٽڻ، احسان شاھ تڙ، گوڙاڻو، سليمان حجام، شوي جو تڙ، چوٿي جي ڍاڻي ۽ ٻين جي رهواسين گلزار شاھ، انور شاھ، شاهنواز شاھ، ڀاون شاھ، لڇمڻ ميگهواڙ، عبدالله چوهاڻ، نهال مهراڻپوٽو، مبارڪ شيدي، گلو حجام، چيتن ڪولهي، دسرت ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال روڊ تي ڌرڻو هنيو. ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٻه تي ڪم ڪندڙ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني زوري زبردستي اسان جي ڳوٺن جي ڀرسان ڪوئلي مان ڇوڙ ٿيندڙ زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪري اسان جو جهنگ ٻنيون، وڻ، روزگار جا وسيلا سڀ ڪجھه ختم ڪري تباھ ڪري ڇڏيا آهن، اسان ٻارن ٻچن سميت مسلسل 3 سالن تائين پريس ڪلب اڳيان لاڳيتو احتجاج ڪيو پر ڪنهن به دانهن نه ٻُڌي، اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوارن ۽ موجوده چونڊيل نمائندن اسان سان هر سطح جو ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو هو پر چونڊن کانپوءِ انهن اڄ ڏينهن تائين منهن ناهي ڏسيو. سنڌ حڪومت به گوڙاڻو ڊيم متاثرين کي ساليانو هڪ لک روپيا معاضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر انهي تي به اڃا عمل ناهي ٿي سگهيو، اسان جو نقصان ڪيو ويو آهي انهي بدلي ۾ سرڪار توڙي اينگرو ڪمپني ڪجھ ناهي ڪيو ترقي جون رڳو ڳالهيون ميڊيا تائين محدود آهن پارڪ تي ڪنهن به مقامي ماڻهو کي فائدو ناهي ڏنو، من پسند ۽ هڪ وڏيري کي نوازي رهيا آهن، اسان وٽ پاڻي، صحت، تعليم سميت ڪا به سهولت ناهي. اسان جي سار لهي جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.
- سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم
مٺي (ن پ ا) سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وڏي وزير جي منظوري بعد 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري ٿقافت جي…
- لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نينگري آزاد
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي پوليس چوري جَي الزام ۾ گرفتاري بعد گم ڄاڻايل نينگري عطيه کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز نينگري عطيه جو معاملو اٿاريو، جنهن بعد ايس ايس پي…
- آرمي چيف سان اسلام آباد ڪلب ۾ انتهائي خوشگوار ملاقات ٿي: ن ليگ اڳواڻ محمد زبير جو انڪشاف
سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئي آچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾…