
گڊو (ن پ ا) گڊو ۾ آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن دوران رهواسين ۽ عملدارن ۾ چڪريون، مڇريل ماڻهن جي پٿراءُ ۾ ايس ڊي او ايريگيشن سوڌو 5 ڄڻا زخمي، ڳوٺاڻن جو بئراج جي ڪنارن تي اڏيل گهر ڊاهڻ خلاف مظاهرو، رهواسين چيو آهي ته انتظاميا ورهين کان رهندڙ ماڻهن جا گهر ڊاهي رهي آهي، متبادل جاءِ ڏيڻ بنا گهر ڊاهڻ سبب هو ٻچن سوڌو دربدر ٿي ويندا.