تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

گھوٽڪي ڀرسان 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل نوجوان ڀنگ ڀري آزاد

گهوٽڪي (رپورٽ ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ڀرسان عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي بخش شاهاڻي مان 2 مهينا اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل نوجوان نديم اسلم شاهاڻي 20 لک روپيا ڀنگ ڀري آزاد ٿي ويو، ان سلسلي ۾ نوجوان نديم شاهاڻي جي والد وڪيل اسلم شاهاڻي ٻڌايو آهي ته پٽ نديم شاهاڻي کي20 لک روپيا ڀنگ ڀري آزاد ڪرايو آهي پر عادلپور پوليس ڪا به مدد نه ڪئي پٽ جي حياتي کي خطرو هو، پوليس مان آسرو پلي 20 لک روپيا ڀنگ جي رقم ڀري پٽ کي بازياب ڪرايو آهي، وڪيل اسلم شاهاڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ڀنگ جي رقم هشمت شاهاڻي، ايوب شاهاڻي، سچل شاهاڻي ۽ ٻين ورتي آهي پوليس ڀنگ جي رقم وٺندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، هوڏانهن موقف معلوم ڪرڻ تي ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ان حوالي سان موقف ڏيئڻ کان انڪار ڪيو

Bookmark the permalink.