ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) ڳڙهي خيرو ويجهو ڪٽوهر ۽ ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي، اسپتال مُنتقل، پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ عبدالنبي ڪٽوهر، خان محمد ڏاهاڻي ۽ صوبو ڪٽوهر جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب صوبو ڪٽوهر ڌُر جا 2 ڄڻا حاڪم ڪٽوهر ۽ علي حسن ڪٽوهر زخمي ٿي پيا، اطلاع ملڻ تي تي پُنهون ڀٽي پوليس واقعي واري هنڌ پُهتي ۽ زخمي حاڪم ڪٽوهر کي لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي وئي، رابطو ڪرڻ تي صوبو ڪٽوهر ٻُڌايو ته عبدالنبي ڪٽوهر ڌُر سان پُراڻو تڪرار هلندڙ آھي، عبدالنبي ڌُر جي ماڻهن حملو ڪري علي حسن ڪٽوهر کي زخمي ڪيو ۽ وري خان محمد ڏاهاڻي جي ڌُر مبينا گوليون هڻي حاڪم ڪٽوهر کي زخمي ڪيو آهي ٻئي پاسي ايس ايچ او پُنهون ڀٽي شبير کهڙو جو چوڻ ھو ته واقعو ڪٽوهر برادري ۾ پُراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي، وڌيڪ واقعي جي جاچ جاري آھي.
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…