تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

70 هزار قرض تي ساڍا 4 لک رپيا وياج، پوءِ به جند نه ڇٽي

ننگرپارڪر (رپورٽر ) ننگرپارڪر جي ڳوٺ سوراچند جي رھواسي پيءُ پٽن ڳوٺاڻن سان گڏجي وياج خورن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي دانھيندي ڏيوجي ميگھواڙ ۽ سندس پٽن پرڪاش ، گينارام ميگھواڙ چيوته وياج خورن سميڙو ٺڪر، اوڏو، ڏجو کان ڪيترائي سال اڳ مجبوري تحت اسان وياج تي 70 ھزار کنيا ھئا، جنھن جا اسان ساڍا چار لک وياج جا ڀري ڏنا آھن، اڃا به ھو چون ٿا ته توھان ڏانھن اسانجا 2 لک اسي ھزار رپيا وياج جا ٿين ٿا، اھي اسانکي ڏيو نه ته ان جا نتيجا خراب نڪرندا. گذريل ھفتي ھنن پرڪاش تي پڻ حملو ڪري سخت مارڪٽ ڪري ھٿ جي ھڪ آڱر ڀڃي ڇڏي ھئي، جنھن جي اين سي پڻ ننگر ٿاڻي تي داخل ڪرائي ھئي، اسان غريب آھيون، جيڪو ھڙھ ۾ ھو سڄو انھن کي ڏئي ڇڏيو، وياج ڪٿان ڏيون؟ اسانجو ڪمشنر ميرپورخاص ۽ اعلى اختيارين کان مطالبو آھي ته نوٽس وٺي وياج خورن مان اسان غريبن جي جان آجي ڪرائي وڃي.

Bookmark the permalink.