ايندڙ سال جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو

جُون 7, 2024

ايندڙ سال جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو، آءِ ايم ايف پاڪستان کان ايندڙ مالي سال جو ٽيڪس هدف 12 هزار 900 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ايندڙ مالي سال ايف بي آر کي 3 هزار 490 ارب رپين جي وڌيڪ ٽيڪس وصولي ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف جي مالي سال جو ٽيڪس هدف 12 هزار 900 ارب رپيا مقرر ڪرڻ ۽ انڪم ٽيڪس جمع ڪرائيندڙن جو تعداد ٻيڻ تي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته انڪم ٽيڪس جا گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جو تعداد 30 لک مان وڌائي 60 لک ڪيو وڃي ۽ واپارين کي هر صورت ۾ انڪم ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي

Leave A Comment