اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق کان صوبن کي 7438 ارب منتقل ٿيندا: سنڌکي رڳو 1853 ارب ملندا

جُون 13, 2024

اسلام آباد : نئين مالي سال دوران اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي مجموعي طور تي 7هزار 438 ارب رپيا منتقل ٿيندا، ناڻي وزير پاران پيش ڪيل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ موجب ايندڙ مالي سال دوران صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت 7438 ارب منتقل ٿيندا، جنهن ۾  انڪم ٽيڪس، ڪيپٽل ويليو ٽيڪس،  خدمتن تي جي ايس ٽي کانسواءِ  سيلز ٽيڪس ،ايڪسائيز ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ ورڇ جوڳي پول تحت ٽيڪسن جي مد ۾ 7242 ارب،  جڏهن ته گيس ڊولپمينٽ، قدرتي گيس ۽ تيل  تي رائلٽي  توڙي قدرتي گيس تي ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ سڌين منتقلين جي مد ۾ 195 ارب 17 ڪروڙ 60 لک رپيا صوبن کي منتقل ٿيندا، ايندڙ مالي سال دوران پنجاب صوبي کي 3695 ارب 7 ڪروڙ 60 لک , سنڌ صوبي کي 1853 ارب 83 ڪروڙ 10 لک،  ڪي پي صوبي کي 1221 ارب 53 ڪروڙ  50 لک،  بلوچستان کي 667 ارب 55 ڪروڙ 70 لک رپيا جاري ڪيا ويندا،  جڏهن ته صوبا ايڪسائيز، پراپرٽي ٽيڪس، صوبائي سيلز ٽيڪس، زرعي ٽيڪس، ڍل، آبياني، عشر  اسٽيمپ ڊيوٽي  ذريعي وصوليون ڪري آمدني وڌائي سگهندا

Leave A Comment