تحريڪ انصاف تي پابندي معاملو ملتوي، آرمي چيف خلاف ڊجيٽل پروپيگنڊا قبول ناهي، 9 مئي وارو ٽولو نيون وارداتون پيو ڪري: وزيراعظم

جُولاءِ 24, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف تي پابندي ۽ قيادت تي غداري جو ڪيس وارو فيصلو نه ٿي سگهيو، پ پ سميت سمورن اتحادين سان صلاح مشوري کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو، ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ وفاقي ڪابينا اهم فيصلو ڪيو. 126 ملڪن لاءِ آن لائن ويزا ايپليڪيشن سسٽم لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن تحت انهن ملڪن جا شهري 24 ڪلاڪن اندر ڪاروباري ۽ سياحتي ويزا حاصل ڪري سگهندا. تحريڪ انصاف تي پابندي وارو معاملو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ غور هيٺ نه آيو. وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين، سرمائيداري سيڙپڪاري ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 126 ملڪن لاءِ آن لائين ويزا ايپليڪيشن سسٽم لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت انهن ملڪن جا شهري 24 ڪلاڪن اندر ڪاروباري ۽ سياحتي ويزا حاصل ڪري سگهندا، انهن 126 ملڪن جي شهرين کي ويزا پروسيسنگ فيس کان به استثني حاصل هوندي. ان کان علاوه ٽئين ملڪن جا پاسپورٽ رکندڙ سک ياترين لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت لاءِ الڳ ذيلي ڪيٽيگري جي منظوري ڏني وئي آهي، ان حوالي سان وفاقي گهرو وزارت ۾ هڪ ڊيش بورڊ پڻ قائم ڪيو ويندو جيڪو آن لائن ويزا سسٽم جي نگراني ڪندو. وفاقي ڪابينا اسلام آباد، بلوچستان، سنڌ، لاهور ۽ پشاور جي معزز هاءِ ڪورٽن ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جي سفارش تي بينڪ ڪيسن بابت خاص عدالتن ۽ بينڪنگ ڪورٽن جي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ايڪٽ 1997 جي سيڪشن 37 تحت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بينڪ جي تجويز ڪيل اسپيشل ڪورٽ (آفينس اِن بينڪس) اسلام، آباد هاءِ ڪورٽ آف بلوچستان، ڪوئيٽا جي تجويز ڪيل اسپيشل ڪورٽس (آفينس ان بينڪس) ڪوئيٽا، هاءِ ڪورٽ آف سنڌ ڪراچي لاءِ سفارش ڪيل خاص عدالت (آفينس ان بينڪس) لاهور هاءِ ڪورٽ لاءِ تجويز ڪيل خاص عدالتون (بينڪس I ۽ II) (آفينس اِن بينڪس)، ملتان ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ، پشاور جي تجويز ڪيل بينڪنگ ڪورٽ 1 ، پشاور قائم ڪيو ويندو. اهي خاص ۽ بئنڪنگ ڪورٽون سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن تحت ڪم ڪنديون. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 9مئي تي ملڪ ۾ تباهي مچائيندڙ ٽولو پاڪستان خلاف نيون وارداتون ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي آفيشل ويب سائيٽ تان پاڪ فوج جي سربراهه ۽ سندس خاندان خلاف ڳالهيون ڪيون ويون، مخصوص ٽولي 9 مئي تي ملڪ جون پاڙون لوڏڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ملڪي ادارن تي حملا ڪيا، وطن ۽ ملڪ جي فوج خلاف اهڙو ڪو به قدم برداشت نه ڪنداسين، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جرمني ۽ لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخانن تي حملا افسوسناڪ آهن، واڳيل ملڪن جي سفيرن کي گهرائي ڊي مارش ڪرڻ گهرجي، سفارتخانن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻي پوندي، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، دهشتگرديءَ جي انهن واقعن ۾ ڪجهه پاڙيسري ملڪن جو ڪردار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها پاڪستان خلاف هڪ منظم سازش آهي، بدقسمتيءَ سان تحريڪ طالبان پاڪستان افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، اسان پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهيون، اسان چاهيون ٿا ته معاملو امن ۽ ڳالهين ذريعي حل ٿئي، خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، آرمي چيف ۽ ان جي خاندان کي سوشل ميڊيا تي نشانو بڻايو پيو وڃي، اها ڳالهه ناقابل قبول آهي هٿياربند اسان جي سرحدن جي محافظ آهي، پاڪستان جي مفادن جي تحفظ لاءِ هڪ قدم به پوئتي نه هٽنداسين.

Leave A Comment