ٽيڪس نه ڏيندڙ موبائل صارفين تي 75 سيڪڙو ٽيڪس، نيوز پرنٽ تي به ٽيڪس لاڳو

جُون 13, 2024

اسلام آباد: ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانا چيو آهي ته سيلز ٽيڪس جي شرح 18 سيڪڙو برقرار آهي، 3800 ارب مان 1800 ارب رپيا ٽيڪس پاليسي ۽ انفورسمينٽ سان جمع ڪيا ويندا. نيوزپرنٽ تي 10 سيڪڙو ٽيڪس مڙهيو ويو آهي، پولٽري فيڊ آئل تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي، مختلف قسم جي کير ۽ ان جي شين تي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز آهي جنهن سان 100 رب رپيا ملندا. ميڊيا بريفنگ ۾ هن چيو ته 400 کان 450 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي آهي، غيرپگهاردار طبقي تي 150 ارب جو ٽيڪس جو بار پوندو، پلاٽن ۽ ڪمرشل ملڪيتن تي به ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي آهي. شربت ٺاهيندڙ ڪمپنين ۽ ٻين ڪمپنين کي ملندڙ کنڊ تي 15 رپيا ڪلو ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز آهي، هوم اپلائنسز جي پرزن تي ڪسٽم ڊيوٽي جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، لوهه ۽ اسٽيل جي شين جي امپورٽ تي ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز آهي. هن چيو ته موبائل فون صارفين تي 75 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي ايڪٽو ٽيڪس پيئر لسٽ کان ٻاهر ماڻهن تي 75 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو

Leave A Comment