نمبر پورا: ايندڙ صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف: پ پ وزارتون وٺندي: بلاول ۽ شهباز شريف جو گڏيل حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

فيبروري 21, 2024

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن آخرڪار حڪومت سازي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. جنهن تحت پيپلزپارٽي ڪابينا جو حصو نه ٿيندي پر حڪومت سازي ۽ وزيراعظم لاءِ مسلم ليگ ن کي ووٽ ڪندي. ان ڏس ۾ ڪالهه مسلم ليگ ن جي صدر ميان شهباز شريف ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اسحاق ڊار جي گھر اهم ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين حڪومت سازي جو فارمولو طئه ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن موجب حڪومت سازي جي فارمولي تحت پيپلزپارتي حڪومت جو حصو ته هوندي پر ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندي. پيپلزپارٽي ڪا به وزارت نه وٺندي جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مسلم ليگ ن جو ٿيندو. فارمولي تحت پيپلزپارٽي سينيٽ چيئرمين ۽ صدر مملڪت جو عهدو وٺندي. ان کان سواءِ پنجاب ۽ خيبرپختونطوا جي گورنرز جا عهدا پڻ پيپلزپارٽ يکي ڏنا ويندا. ملاقات کان پوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف، اسحاق ڊار گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مذاڪراتي ڪاميٽين پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي وچ حڪومت سازي لاءِ نمبر پورا ڪري ورتا آهن. آصف زرداري صدر لاءِ گڏيل اميدوار هوندو. وزيراعظم شهباز شريف هوندو پ پ ۽ ن ليگ گڏجي حڪومت ٺاهيندا.

Leave A Comment