نوري آباد ويجھو مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، 4 ڄڻا اجل جو شڪار، 10 مسافر زخمي
جُولاءِ 27, 2024
نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجھو موٽروي روڊ تي لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٿاڻو بولاخان انٽر چيئنج وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ جو ٽرالر سان ٽڪر، 4 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي، لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ اڳيان ويندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ ڪوچ ڊرائيور ڪراچيءَ واسي محمد سهيل ولد حميد خان، تعلقي نصيرآباد جو رھواسي شمن علي ولد سليمان ڪانڌڙو، قمبر واسي محمد نواز ولد عثمان ۽ عبدالقيوم ولد گلهبار ڀٽو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته مريم ڌيءُ امير علي، عارفه صنم عروج، صوبيه، انند ڪمار، عبدالجبار، مسمات حنيفان ۽ سميع الله سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن، پوليس ۽ مقامي ماڻهن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻي طرف لوڻي ڪوٽ پوليس مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس موجب حادثو بس ڊرائيور ي ننڊ اچڻ سبب پيش آيو آهي.
سن ويجھو خوفناڪ حادثو: وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر، هڪ گهر جا 4 ڄڻا فوت، 25 زخمي
سن (رپورٽ: شاھنواز شاھاڻي) سن ڀرسان ڳوٺ سرائي سولنگي اسٽاپ وٽ ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جي حد ۾ سيوھڻ کان حيدرآباد طرف ويندڙ ڊوم وين ۽ حيدرآباد کان لڪي شاھ صدر جي ويجهو ڳوٺ قادربخش ڪيٽي طرف ويندڙ ڪرولا ڪار جي وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ سوار سوار 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 25 مسافر زخمي ٿي پيا، حاثي ۾ نظر محمد شاهه، سيد سرور شاهه، سيد حميد شاهه ۽ زين العابدين شاهه فوت ٿي ويا، جيڪي ڳوٺ قادر بخش ڪيٽي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن، اطلاع تي مقامي ماڻهن ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ زخمين جي سڃاڻپ نصرت، جنت، مديحا، آصفه زال غوث بخش، ظفر، ذيشان شيخ، طيب گبول، انيتا عابده، زاهده، صغران ۽ ٻين طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿيل هڪ ئي گهر جا ڀاتي ٻڌايا پيا وڃن، مقامي ماڻهن موجب حادثو موٽروي پوليس جي لاپرواهي سبب پيش آيو آهي، موٽر وي پوليس ٺيڪيداري نظام ھجڻ ڪري رڳو گاڏين جا ڳرا چالان ڪاٽي ڏنڊ وصول ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ڊرائيور پنهنجي مرضي سان اوور اسپيڊ ھڻن ٿا جنهن ڪري ھن خوني روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن.
ٻن ڀائرن ۽ ٻن سئوٽن جي جنازي نماز ڄامشوري ۾ ادا
ڄامشورو:سن ڀرسان وين ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ ٻن ڀائرن ۽ ٻن سئوٽن سميت فوت ٿيل 4 ڄڻن جي جنازي نماز ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي سي اين جي پمپ وٽ ادا ڪئي وئي،جنھن ۾ علائقي واسين سميت حادثي فوت ٿيلن جي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
هڪ ئي گهر مان 4 ڄڻن جا جنازا کڄڻ وقت ڪهرام، علائقي ۾ سوڳ
ڄامشورو: هڪ ئي گھر مان چار لاش نڪرڻ تي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو، جڏهن ته فوتين جا جا مڙهه ڄامشوري کان سندس اباڻي ڳوٺ لڪي شاھ صدر تدفين لاءِ روانا ڪيا ويا ۽ آخري رسمون لڪي شاھ صدر ۾ ادا ڪيون ويون.
موٽروي پوليس جي لاپرواهي سبب حادثو پيش آيو آهي: شهري
سن: مقامي ماڻهن موجب حادثو موٽروي پوليس جي لاپرواهي سبب پيش آيو آهي، موٽر وي پوليس ٺيڪيداري نظام ھجڻ ڪري رڳو گاڏين جا ڳرا چالان ڪاٽي ڏنڊ وصول ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ڊرائيور پنهنجي مرضي سان اوور اسپيڊ ھڻن ٿا جنهن ڪري ھن خوني روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن