مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري روڪڻ واري حڪم ۾ 13 مارچ تائين واڌ
مارچ 7, 2024
پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري روڪڻ واري حڪم ۾ 13 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي، سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ابراهيم اشتياق جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي هلائي، سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته 9 مارچ تي صدارتي چونڊ ٿيڻي آهي، 93 سيٽون رکندڙ پارٽي کي مخصوص سيٽون نه ڏنيون ويون آهن، جنهن جو صوبي ۾ هڪ اسيمبلي ميمبر آهي ان کي 2 مخصوص سيٽون ڏنيون ويون آهن، اليڪشن ڪميشن تحفي طور ٻين جماعتن کي مخصوص سيٽون ڏنيون آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل کي پيش ٿيڻ جو حڪم، عدالت چيو ته حلف نه کڻڻ بابت حڪمنامو اربعا تائين لاڳو رهندو، اربعا ڏينهن ٻيهر ڪيس ٻڌنداسين