نار بنگال ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪرڻ بعد ڊيپ ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويو
آگسٽ 31, 2024
سامونڊي طوفان اسنيٰ سنڌ جي ساحلي پٽي کي ڇُهي گذري ويو، طوفان جي اثر هيٺ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ ڪٿي وچولا ته ڪٿي تيز وسڪارا، ڪراچي ۾ طوفاني هوائن سبب وڻ پاڙان پٽجي ويا ۽ بجلي جا پولز ڪِري پيا، هڪ عورت سوڌو 3 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي، گاڏين کي به نقصان پهتو، ٺٽو، گهارو، سجاول ۽ بدين سوڌو ٻين ساحلي علائقن ۾ طوفاني هوائن سبب ڇپرا اُڏامي ويا، موسميات کاتي چيو آهي ته سامونڊي طوفان اسنيٰ سنڌ جي ساحلي پٽيءَ سان نه ٽڪرائيندو، طوفان ڪراچي کان 300 ڪلوميٽرز جي فاصلي آهي ۽ اومان وٽ سمنڊ ۾ ئي ختم ٿي ويندو، موسميات کاتي چيو آهي ته نار بنگال ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪرڻ بعد ڊيپ ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويو آهي، هي سسٽم به ڀارتي رياست گجرات ۽ راجسٿان تي اثرانداز ٿيندو، ساڳيو سسٽم ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن ۾ اوڀر سنڌ سان ٽڪرائجي سگهي ٿو، ڪراچي تي سسٽم جي امڪاني اثرن بابت في الحال ڪابه اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي