سنڌ جي وزيرن جي ڪارڪردگي تي ناراضپو: 6 ماهي جائزي جو اعلان: وزير ۽ ايم پي ايز سستي ختم ڪن: بلاول ڀٽو

جُون 5, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ جي مختلف وزيرن  جي ڪارڪردگي تي ناراضپو ظاهر ڪندي هر  6 مهينن بعد ڪابينا جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي

هن وزيراعليٰ مراد شاهه کي به سختي ڪرڻ  جي هدايت ڪئي آهي.  پ پ سنڌ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته  اليڪشن کي ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن، 5 ڀيرا چونڊون کٽڻ باوجود وزيرن ۾ سستي آهي، آئون چاهيان ٿو ته اها سستي ختم ٿي وڃي

هاڻي وزير ۽ اسيمبلي ميمبرز ڪم ڪندي نظر اچڻ گهرجن، کليل ڪچھريون رچائي رڳو من پسند ماڻهن  نه پر عوام کان به راءِ ورتي وڃي، وزير پنهنجن تڪن ۾ وڃن، پارٽي اڳواڻ چونڊون ترقياتي اسڪيمن سان نه پر عوامي رابطن  سان کٽيندا آهن، ڪجهه وزيرن جي رپورٽ سٺي آهي پر  ڪجهه وزيرن جي ڪارڪردگي بهتر ناهي، اسان  کي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي عوام جي اميدن تي پورو لهڻو آهي، ذاتي ويڙهه جو نقصان حڪومت کي نه ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته اسان کي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ جي سياست ختم ڪرڻي پوندي، آفيسرن جي ڪارڪردگي سبب حڪومت جي بدنامي ٿي رهي آهي،  اسان جي ڪوشش هوندي ته ميرٽ تي آفيسر مقرر ڪيا وڃن، هن چيو ته رياستي پاليسين ڪري ڏوهارين وٽ جديد هٿيار اچي ويا آهن، انهي ڪري امن امان جو مسئلو آهي، مونکي سنڌ پوليس تي اعتماد آهي هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سٽيلن لاءِ 21 لک گهر اڏڻ وارو  دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو جاري آهي پر وفاق کان فنڊنگ نه ملڻ ڪري منصوبو دير جو شڪار آهي

هن چيو ته سمورا وزير توڙي نمائندا پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ انھن گھرن جي تعميرات کي ڏسن، اسان انهن گهرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏينداسين،  هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪيسن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟  اهو عوام جو مسئلو ناهي، پي ٽي آءِ باني جا ڪيس عدالتن ۾ آهن، انهن کي اهو پاڻ قانوني طور منهن ڏئي.  سنڌ حڪومت کي تحريڪ انصاف جي باني بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي

هن چيو ته عوام کي نفرت جي سياست ۾ دلچسپي ناهي، اهي چاهين ٿا ته سندن مسئلا حل ٿين. اسان جي اطلاعات کاتي کي به عوامي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن  نه ڪي اهو ته عمران خان ڇا ڪري رهيو آهي يا نه ڪري رهيو آهي؟  ان سان اسان کي ڇا فرق پوي ٿو ؟ هن جا پنهنجا ڪيس آهن، انهن کي پاڻ وڙهڻ گهرجي.هن چيو ته وڏي وزير مشڪل معاشي صورتحال  پيش ڪئي آهي، وفاق کان مختلف منصوبن لاءِ رقم ناهي ملي،  آئون وفاق سان ڳالهائي بجيٽ کان اڳ اهي مسئلا حل ڪرائيندس

هن چيو ته اسان کي پنهنجن محدود وسيلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته اسان ڪيئن محدود وسيلن سان پنهنجي خدمتن کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.هن چيو ته پارٽي ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي کي اندروني جهيڙن سان متاثر نه ٿيڻ گهرجي، چاهي اهو تڪن جي ويڙهه هجي يا ڪو ٻيو سبب هجي

  پ پ چيئرمين چيو ته مون وڏي وزير کي چيو آهي ته هو هر 6 مهينن کانپوءِ ڪابينا جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي، اسڪول وانگر رپورٽ جو جائزو وٺي مون کي آگاهي ڏئي، هن وزيرن کي هدايت ڪندي چيو ته پارٽي جي تنظيمن ۽ ڪارڪنن کي ڪنهن به ايم اين اي يا وزير بابت ڪا به شڪايت نه هئڻ گهرجي، جيڪڏهن اهي توهان سان ملڻ چاهين ته توهان انهن سان ملاقات ڪريو، انهن کي ڪو ڪم آهي ته انهي  لاءِ ڪوشش ڪريو

Leave A Comment