تيل اگھن ۾ اضافو رد: مينڊيٽ چور حڪومت قيمتون واپس وٺي: تحريڪ انصاف
جُولاءِ 18, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ کي پاڪستان تحريڪ انصاف ناقابل برداشت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته مينڊيٽ چور حڪومت کان مطالبو آهي ته فوري طور تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي، نااهل ۽ بي رحم مينڊيٽ چور حڪومت تاريخ جي سڀ کان وڏي عوام دشمن حڪومت بڻجي سامهون آئي آهي، عوام جي ووٽن کان محروم حڪومت هر اهو قدم کڻي رهي آهي جنهن سان عوام جي زندگي مشڪل کان مشڪل ترين ٿيندي پئي وڃي، مهانگو پيٽرول ۽ مهانگي بجلي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ عوام جي آمدني ۽ قوت خريد وڌائڻ بدران تيل ۽ بجلي کي رياستي جبر جو ذريعو بڻايو ويو آهي. تحريڪ انصاف کي جڏهن سازش ذريعي حڪومت مان ڪڍيو ويو ته پيٽرول 150 رپيا في ليٽر موجود هو، عوام جي ووٽ جي حساب سان جڏهن عمران خان وزيراعظم هو ته بجلي جو هڪ يونٽ 17 روپين ۾ ملندو هو، اڄ عوام کي پيٽرول 275 رپيا ۽ ڊيزل 284 رپيا مهانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي، بجلي جي في يونٽ قيمت 17 رپين کان وڌائي 84 ورپين تائين پهچايو ويو آهي، مينڊيٽ چور ۽ ڪٺ پتلين جي هٿان مهانگائي 11 سيڪڙو کان وڌي 45 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته معاشي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو کان گهٽجي زيرو کان به هيٺ ٿي وئي آهي. عوام کي ڦرڻ، سندن ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ، بنيادي حقن کي ناجائز طور تي غصب ڪرڻ ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽيءَ خلاف سازشون ڪرڻ کان علاوه مهانگائي کي گهٽائڻ ۽ ملڪي معيشت کي پيرن تي بيهارڻ جي ڪا به پلاننگ ناهي. تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عوام وڏي تحريڪ جي تياري ڪري رهيو آهي، هاڻي عوام روڊن تي نڪتي ته چورن، ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کان حساب وٺڻ کانسواءِ واپس نه ويندي.