پيٽرول جي اگھھ ۾ 15 رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي

مَي 16, 2024

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي

وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي سمري وزيراعظم کي موڪلي ھئي

ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا 39 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 273 رپيا 10 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 88 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 274 رپيا 8 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 7 رپيا 54 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 161 رپيا 17 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

گاسليٽ جي قيمت ۾ 9 رپيا 86 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي نئين قيمت 173 رپيا 48 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ڪئي وئي آهي

قيمتن ۾ گهٽتائي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو ثمر عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي

Leave A Comment