تيل اگھه مقرري جو اختيار آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ڏيڻ جي تياري، قيمتون چوٽ چڙهڻ جو خدشو

جُولاءِ 25, 2024

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن جي ذميواري مان نڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب، وزيراعظم پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪومتي اختيار ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي مرحيلوار پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب، وزيراعظم جي هدايت تي پيٽروليم وزير اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا چيئرمين کي قيمتون ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جي اثرن ۽ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، پيٽروليم شين جا اگهه ڊي رگوليٽ ڪرڻ جو حتمي فريم ورڪ وزيراعظم کي پيش ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ڊيلرز آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ کليل اختيار ملڻ تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين طرفان ناجائز منافعي خوري جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي ماهرن اهو به خدشو ظاهر ڪيو آهي ته تيل اگھه مقرر ڪرڻ جا اختيار مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ڏيڻ سان اگهه چوٽ چڙهي سگھن ٿا. مارڪيٽنگ ڪمپنيون چاهينديون ته هن ڌڪ ۾ سوين رپيا ليٽر تي به وڌائي ڇڏين ته حڪومت ڇا ڪندي. هنن چيو ته اهڙي عمل سان مارڪيٽنگ ڪمپنيون ڇڙواڳ ٿي وينديون ۽ بيلڪ ميلنگ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ به وڌندي، جهڙي ريت ٻين شين جا اگھه مارڪيٽنگ وارا، واپاري يا دڪاندار پاڻ مقرر ڪيو ويٺا آهن هاڻي تيل جا اگھه به ان طريقي تحت مقرر ڪيا ويندا ته مهانگائي جو طوفان اچي ويندو، هن ڀيري جيڪو طوفان آيو اهو ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر هوندو.

Leave A Comment