عمر ايوب کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

فيبروري 22, 2024

عمر ايوب کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ملي وئي، عمر ايوب عدالتي حڪمنامو کڻي ٻيهر اڊيالا جيل پهچي ويو، ان کان اڳ عمر ايوب، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀينرن عليمه ۽ عظميٰ کي به جيل اندر نه ڇڏيو ويو، جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته عدالتي آرڊر کڻي بيٺا آهيون پر پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، ٻڌايو وڃي ته ڇا انصاف لاءِ هاڻي عالمي عدالت وٽ وڃون؟ جنهن ملڪ ۾ هڪ جيل جو سپرنٽنڊنٽ عدالتي حڪمن کي ٿڏي ڇڏي اتي ڪهڙو استحڪام ايندو، اسد قيصر چيو ته اسان جي ماڻهن کي داٻا ۽ لالچون ڏئي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙي حڪومت جي ڪهڙي ساک هوندي، اسان جا به مختلف اتحاد ٺهي رهيا آهن، بلوچستان ۽ سنڌ جا دورا به ڪنداسين

Leave A Comment