هڪڙو جوابدار اچي ٿو ته 2 جوابدار نه ٿا اچن: عدالت علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

جُولاءِ 1, 2024

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ باني، ڪي پي جي وڏي وزير ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف سنگجاني ۽ آءِ نائين ٿاڻن تي داخل ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي هلائي، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل پاران وڪيلن حاضريءَ کان ڇوٽ جون درخواستون داخل ڪرايون، عدالت درخواستون رد ڪندي ٻنهي جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت رمارڪس ۾ ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته سمورن غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا، تماشو لڳل آهي، هڪڙو جوابدار اچي ٿو ته 2 جوابدار نه ٿا اچن، وڪيلن ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن جي حاضري يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي، جج طاهر عباس سپرا رمارڪس ۾ چيو ته جيڪي جوابدار 8 تاريخ تي نه ايندا انهن کي اشتهاري قرار ڏنو ويندو، ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار