آپريشن عزم استحڪام لاءِ 20 ارب منظور: دهشتگردي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو، دشمن ترقي ۽ سي پيڪ روڪڻ چاهين ٿا: وزيراعظم
آگسٽ 28, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ دشمنن سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، نرم رويو اختيار نه ڪيو ويندو، پاڪستان جي آئين ۽ جهنڊي کي تسليم ڪندڙن سان ڳالهين جا رستا کليل آهن، وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان جي ترقي ۽ سي پيڪ کي روڪڻ چاهين ٿا، انهن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائينداسين، دهشتگردن لاءِ ڪا به جاءِ نه آهي، دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ ڪيترائي شهري ۽ اهلڪار شهيد ٿيا، خيبر پختونخوا ۾ جاري دهشتگردي جي واقعن ۾ به پاڪستاني شهري شهيد ٿيا، هي بندش پيل تحريڪ طالبان جا اهي دهشتگرد آهن جيڪي افغانستان مان ڪارروائيون ڪن ٿا، پاڪستان پاران افغانستان کي ان بابت نه رڳو آگاهه ڪيو ويو آهي پر دهشتگردن خلاف اثرائتيون ڪارروائيون به ڪيون ويون آهن، وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مقصد پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي، دهشتگردن بس مان لاهي معصوم شهرين کي شهيد ڪيو ويو، جلد بلوچستان جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺندس، صوبائي حڪومتن سان گڏجي قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج کي سمورا وسيلا ڏينداسين، هوڏانهن وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ خيبر ضلعي جي وادي تيره ۾ فتنا الخوارج، لشڪر اسلام ۽ جماعت الاحرار جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن پيشيوراڻي صلاحيت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي انتهائي گهربل پرڏيهي دهشتگرد اڳواڻن سميت 25 دهشتگردن کي جهنم ۾ پهچايو ۽ 11 کي گرفتار ڪيو. مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، وزير اعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. فتنا الخوارج کي ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.
اسلام آباد: وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام لاءِ 20 ارب جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وفاقي ڪابينا بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ دهشتگردن طرفان معصوم شهرين تي بزدلاڻي حملن جي سخت مذمت ڪئي. ڪابينا واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن، جوانن ۽ بيگناهه شهرين جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. ڪابينا هدايت ڪئي ته دهشتگردي واقعن ۾ ملوث دهشتگردن جي جلد کان جلد نشاندهي ڪري انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم ايندڙ ربيع جي فصل لاءِ يوريا ڀاڻ جي بنا کوٽ فراهمي جي حوالي سان کنيل قدمن کي ساراهيو. فرٽيلائيزر فيڪٽرين کي بنا بندش گيس فراهمي سان يوريا جي درآمد کي روڪي قومي خزاني کي هڪ سئو ٽيهه (130) ملين ڊالرن جي بچت ڪئي وئي. وزير اعظم شهباز شريف ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ سمورا وزير ۽ ادارا اهڙا بهتر فيصلا ڪري عوام کي رليف ڏين. وفاقي ڪابينا ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارشن تي پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ بابت ٻڌايو ويو پي ڊبليو ڊي تحت هلندڙ ترقياتي ۽ پي ايس ڊي پي منصوبن تي ڪم جاري رکڻ لاءِ ضروري مينٽيننس اسٽاف ۽ انڪوائريون لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جي حوالي ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم چيو ته ملڪ ۾ گورننس جي بهتري ۽ ادارتي سڌارن لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، وفاقي حڪومتي ڪاميٽي رائٽ سائيزنگ جون تجويزون وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪيون ويون ۽ ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ 6 وزارتن تي ڪاميٽيءَ جي سفارشن تي عمل شروع ڪيو ويو آهي، انهن وزارتن جي 82 سرڪاري ادارن کي ضم ۽ ٽوڙي 40 ادارن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، ڪابينا متاثر ٿيندڙ ملازمن لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏيوزيراعظم شهباز شريف ڪفايت شعاري جاري رکڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ ڪابينا جي ميمبرن طرفان رضاڪارانه طور تي پگهارون نه وٺڻ، ضروري گاڏين کان علاوه سرڪاري گاڏين جي خريداري تي پابندي، نئين سامان ۽ مشينري جي خريداري تي پابندي، سرڪاري خرچ تي غير ضروري پرڏيهه سفر تي پابندي وغيره شامل آهن، ٻاهرين ملڪ علاج تي به پابندي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ اهو برداشت نٿو ڪري سگهي ته بيوروڪريٽس ۽ اشرافيه غريب عوام جي ٽيڪسن مان عيش ڪري. هن غريب عوام جي هر هڪ پائي جي حفاظت ڪندس. وفاقي ڪابينا 22 آگسٽ 2024ع تي ٿيل اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام لاءِ فوري 20 ارب رپين جي منظوري ڏني، ڪابينا چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي فوج جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.