آپريشن عزم استحڪام نامنظور: سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ، اي اين پي جو احتجاج، هنگامو، واڪ آئوٽ
جُون 25, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف، ايم ڊبليو ايم ۽ اي اين پي سينيٽ ۾ آپريشن عزم استحڪام جي مخالفت ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ سينيٽ ۾ آپريشن خلاف سخت احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري وئي. شبلي فراز چيو ته ايپڪس ڪاميٽي ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته آپريشن عزم استحڪام سان شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. مختلف فوجي آپريشن ڏٺا آهن. آپريشن عزم جي استحڪام اسان کي عام آپريشن کان هٽي ڪري ڏسڻ ۾ پيو اچي. اسان جيڪو استحڪام چاهيون ٿا اهو ان وقت تائين پهچ کان پري آهي. جيستائين آئين ۽ قانون جي بالادستي نه هجي، عوامي مينڍيٽ کٽيندڙن کي ڏنو وڃي. ملڪ جي استحڪام جي چاٻي قيدي نمبر 804 وٽ آهي. شيري رحمان چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي عروج تي آهي. ملڪ ۾ آپريشن اڻٽر آهي. ڇا اهي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ عدم استحڪام رهي؟ هي اهي آهن جيڪي طالبان جون آفيسون کولي رهيا هئا. شيري رحمان جي خطاب دوران احتجاج ڪيو ويو، سينيٽر علامه راجا ناصر عباس چيو ته پاڪستان ۾ ستر لک شهري مارجي ويا، احسان الله احسان کي به ڇڏيو ويو، ڪير اعتماد ڪندو. آپريشن عزم پاڪستان تي به سوال اٿڻ شروع ٿي ويا آهن. اسان ان آپريشن جي مخالفت ڪريون ٿا، ان تي بحث ٿيڻ گهرجي ها. سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڇو نه ٿيو، هر آپريشن دوران طالبان دهشتگردن کي ڪجهه نه ٿو ٿئي. ڪنهن 102 دهشتگردن کي آزاد ڪيو ويو، اهو اصل دهشتگرد آهي. دهشتگرديءَ جي خلاف آهيون پر ڊراميبازي قبول نه ڪنداسين. اسان آپريشن استحڪام پاڪستان کي رد ڪريون ٿا. پي ٽي آءِ پاران خيبرپختونخوا ۾ آپريشن بند ڪرڻ لاءِ نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته آپريشن استحڪام پاڪستان خلاف احتجاج ڪيو ويو. پختونن جو قتل منظور ناهي، فوجي آپريشن نا منظور، جا نعرا هنيا ويا. پي ٽي آءِ ميمبرن چيئرمين ڊائس آڏو احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. پي ٽي آءِ پاران آپريشن استحڪام پاڪستان خلاف ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو