اپوزيشن آئيني عدالت جي حمايت ڪري ڇڏي، ججز جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت: ترميم هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي تجويز

سيپٽمبر 16, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ +  م ڊ) مخالف ڌر عدليا بابت آئيني ترميمن واري پيڪيج تحت آئيني عدالت جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته  ججز  جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي وئي.  جي يو آءِ  ترميم هڪ ڏينهن لاءِ يعني اڄ تائين ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني. ان ڏس ۾ ڪالهه آئيني ترميمن واري پيڪيج تي مشاورت لاءِ پارليامينٽ جي خصوصي ڪاميٽي جا چار اجلاس ٿيا. رات دير سان ٿيل آخري اجلاس ۾ اپوزيشن آئيني عدالت جي حمايت ڪري ڇڏي پر ججز جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي

خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس شروع ٿيڻ وقت گھرو وزير محسن نقوي مولانا فضل الرحمان کي ڪاميٽي روم ۾ وٺي آيو. جنهن کانپوءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ڪاميٽي روم ۾ پهچي ويو. جنهن بعد اڳوڻو سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، انوار الحق ڪاڪڙ به ڪميٽي ۾ پهچي ويا. ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پارلياماني ڪميٽي ۾ پهتو

  ذريعن موجب پي ٽي آءِ ، جي يو آءِ ۽ حڪومتي اتحادي پارٽيون آئيني عدالت تي مشروط راضي ٿي ويون آهن.  ذريعن موجب مشروط حمايت ۾ چيو ويو آهي ته ججز جي مقرري جي معاملي کي اسان جي سامهون حل ڪيو وڃي. حڪومت اپوزيشن سان سمورا تفصيل شيئر ڪري.  اپوزيشن موقف اختيار ڪيو ته هي اهڙو معاملو آهي جنهن تي وڌيڪ مشاورت لاءِ وقت گھربل آهي.  پي ٽي آءِ پاران چيو ويو آهي ته هن اهم قانونسازي ۾ تڪڙ ۾ ترميم نه ڪئي وڃي. جلدبازي ۾ قانون سازي نه ٿيڻ گھرجي. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان آئيني ترميم هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته آئيني ترميم جو معاملو اڄ تائين ملتوي ڪيو وڃي. ججن جي نوڪريءَ جي مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته هي اهم موقعو آهي، هن موقعي تي اپوزيشن جو ساٿ نه ڏيندا ته اپوزيشن اڳواڻن جي ڪردار تي سوال اٿندا

هن چيو ته ايڪسٽينشن يا نوڪري جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ نٿا ڏئي سگھون. هن چيو ته آئيني ترميم جي مسودي تي وڌيڪ مشاورت اڻٽر آهي.  چند ڪلاڪن ۾ ايتري اهم قانونسازي ۾ تڪڙ نه ٿيڻ گھرجي. ان کان اڳ   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ هائوس پهتو، صحافين سوال ڪيو ته اوهان ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آهيو؟ اوهان منصور علي شاهه کي خوشخبري ڏئي رهيا آهيو ؟ جنهن تي بلاول جواب ڏنو ته اوهان کي جمهوريت ڏهاڙي جون مبارڪون هجن

صحافي سوال ڪيو ته ڇا نمبر گيم جو مسئلو آهي؟ جنهن تي بلاول چيو ته نمبر گيم جو مسئلو ناهي، اها ئي جمهوريت جي خوبصورتي آهي، ڇا اوهان کي جمهوريت نظر نه اچي رهي آهي؟ صحافي سوال ڪيو ته ڇا مولانا فضل الرحمان ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندو؟ جنهن تي هن چيو ته انشاء الله ڏيندو، اها ئي جمهوريت جي خوبصورتي آهي

Leave A Comment