اپوزيشن جي ڳالهائڻ تي بندش: مخالف ڌر ۽ حڪومت جا هڪٻئي تي الزام: اسپيڪر خلاف رٿ آڻڻ جو اشارو
جُولاءِ 11, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو. وزير اعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس پهچڻ تي سني اتحاد ڪونسل جي ميمبرن ووٽ چور، مينڍيٽ چور شهباز شريف جا نعره لڳايا . سني اتحاد ڪونسل جي ميمبرن جعلي وزير اعظم، ديکو ديکو ڪون آيا چور آيا چور آيا، فارم 47 جو وزير اعظم نا منظور جا به نعرا هنيا، سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن عمران خان جي آزادي ۽ وزير اعظم عمران خان جا نعرا به لڳايا. وزير اعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسپيڪر صاحب اوهان جي آئيني ذميواري آهي ته اوهان مخالف ڌر کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو. پر اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر جڏهن اسپيڪر هيو ته مخالف ڌر کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويندو هيو. وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ واري فيصلي جي ترديد ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته ڪڻڪ ايڪسپورٽ جو ڪوبه فيصلو ناهي، پي ٽي آءِ دور ۾ڪڻڪ پهرين ايڪسپورٽ پوءِ امپورٽ ٿيندي هئي، ڪنهن کي به خبر ناهي ته اربين رپيا ڪيڏانهن ويا، رڪارڊ تي آهي ته اسد قيصر جڏهن اسپيڪر هو، اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي هئي، اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر پاران وزيراعظم جي بيان کي رد ڪندي پُراڻو رڪارڊ ڪڍڻ جو چئلينج، اڳوڻي اسپيڪر چيو ته ميان صاحب اپوزيشن ليڊر طور ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقرير ڪندو هو، اسان جي دور ۾ تقريرون لائيو ڏيکاريون وينديون هيون، پر هاڻي هتي سينسرشپ آهي، جيڪا شرم جي ڳالهه آهي، سرڪاري ٽي وي تي تقرير لائيو نشر نه ڪئي وئي. بچاءَ واري وزير خواجه آصف اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر تي تنقيدي وار ڪندي چيو ته اسد قيصر جڏهن اسپيڪر هو، ڪنهن به ميمبر جو پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيو، نه ئي ڪنهن اسيمبلي ميمبر جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو، اسد قيصر جي اسپيڪرشپ واري روايت تي ايوان شرمسار ٿيندو آهي، سندن دور ۾ ايوان جي توهين ڪئي وئي، اهي اڄ ڪهڙي منهن سان چون ٿا ته ايوان کي سٺي نموني هلايو، خواجه آصف جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرز احتجاج ڪيو، جڏهن ته اپوزيشن اتحاد پاران اسپيڪر قومي اسيمبلي کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف شڪايت ڪئي وئي، عمر ايوب چيو ته ايوان ۾ جڏهن اسان ڳالهائيندا آهيون ته روڪيو ويندو آهي، قانون ۾ ترميم ٿي رهي آهي، پر آگاهه نٿو ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته پارليامينٽ جو اجلاس اِن ڪري ٿيندو آهي ته عوامي معاملن تي بحث ٿئي، پر اسپيڪر اسان کي ايوان ۾ ڳالهائڻ نه ڏنو، محمود خان اچڪزئي چيو ته شهباز شريف ۽ اياز صادق پارليامينٽ کي ڊبيٽنگ سوسائٽي بڻائڻ گهرن ٿا، اياز صادق ڊڪٽيٽر بڻيل آهي، ايندڙ سيشن ۾ سندس خلاف بي اعتمادي آڻڻ گهرجي.