دٻن وارو کير پيارڻ سبب اسان جا ٻار مري رهيا آهن: ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

سيپٽمبر 18, 2024

دٻن وارو کير پيارڻ سبب اسان جا ٻار مري رهيا آهن، دٻن جو کير واپرائيندڙ ٻارن ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن

پرڏيهه مان ايندڙ مِلڪ پيڪس ۾ جانورن جو کير هجي ٿو، اسان پنهنجن ٻارن کي جانورن جو کير ڇو پياريون؟ ڪراچي ۾ پهرين ملڪ بينڪ قائم ڪئي ته مذهبي عالمن اعتراض واريا، عالمن جا اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ نادرا چيئرمين، وزيراعظم ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي خط لکيا آهن: سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس

صوبائي وزير چيو ته مِلڪ بينڪس تي اعتراض واريو ويو ته ان سان رضائي ڀيڻ ڀاءُ جو مسئلو پيدا ٿيندو، نادرا چيئرمين کي چيو ته رضائي ڀيڻ ڀاءُ جا تفصيل به فيملي ٽري ۾ شامل ڪيا وڃن

نادرا چيئرمين چيو ته ان لاءِ قانونسازي ڪرڻي پوندي، وزيراعظم کي قانونسازي لاءِ خط لکيو اٿم، چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي خط لکي چيو ته مائرن پاران کير جو عطيو ڏيڻ اسلام جي خلاف نه آهي، ان تي فتويٰ جاري ڪيو، دوڪانن تي پلاسٽڪ جي ٿيلين ۾ وڪرو ٿيندڙ کير ٻارن لاءِ خطرناڪ آهي، ملڪ ڪمپنيز اسان جي خلاف عدالت ويون آهن، عدالتن کي به اپيل ڪيان ٿي ته فيصلو ڪرڻ وقت ٻارن جي صحت کي نظر ۾ رکن

Leave A Comment