حيدرآباد بورڊ ۾ عجب ڪرپشن جا غضب طريقا: ايمرجنسي جو ڊرامو ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ
آڪٽوبر 1, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سيڪريٽري بورڊ جي سربراهي ۾ حيدرآباد بورڊ جي ڪرپٽ مافيا پاران منظم ايمرجنسي جو ڊرامو رچائي مارڪ شيٽس، پڪا سرٽيفڪيٽ جي ڇپائي ۽ ٻين امتحان جي سامان جي خريداري جي ڪمن ۾ بورڊ کي ڪروڙين رپين جو چونو هڻي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڄاڻي واڻي 9 مهينا اڳ ڪرايل ٽينڊرن ۾ دير جي ڪري ان جو بهانو ڄاڻائي منظور نظر فرمز کان ڪروڙين رپين جي خريداري جو سلسلو جاري آهي
امتحان مٽيريل جي خريداري ۽ مواد جي ڪمن ۾ مبينا طور تي ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن ۽ سيڪريٽري بورڊ پاڻ مختلف ڪمپنين جي نالي تي ڪرپشن ڪن ٿا. ٽينڊرز ۾ گهٽ اگهه اچڻ تي ڪم نه ڪرائي ڊرامائي ايمرجنسي جي منظوري چيئرمين بورڊ پاران ڏني وڃي ٿي. ذريعن موجب تعليمي بورڊ حيدرآباد ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سامان جي خريداري، مارڪ شيٽ ۽ ٻين سرٽيفڪيٽن جي تياري جي ڪمن ۾ بدترين ڪرپشن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته ڄاڻايل ڪرپشن جا پڪا ثبوت موجود هجڻ باوجود اينٽي ڪرپشن سميت لاڳاپيل ادارن توڙي سنڌ سرڪار جي لاڳاپيل اٿارٽي خلاف ڪارروائي ۾ مجرماڻي خاموشي اختيار ڪيل آهي. تعليمي بورڊ حيدرآباد ڊسمبر 2023ع ۾ هلندڙ سال جي لاءِ نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جي مارڪ شيٽن، پڪن سرٽيفڪيٽن سميت ٻئي سامان جي خريداري لاءِ ٽينڊڙ ڪرايا هئا. ڄاڻايل ٽينڊر ۾ ٺيڪيدارن پاران سخت مقابلو ڪرڻ تي گذريل سالن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ اگهه سامهون آيا جنهن تي بورد جي ڪرپٽ مافيا ۾ پريشاني پيدا ٿي وئي
ذريعن موجب ڄاڻايل ٽينڊرز ۾ سڀ کان گهٽ اگهه ڏيندر فرم مارڪ شيٽ ۽ پڪن سرٽيفڪيٽن جو اگهه 11 رپيا ڏنو جڏهن ته ڄاڻايل مارڪ شيٽن ۽ پڪن سرٽيفڪيٽن ۾ سال 2022ع ۾ بورڊ پاران في پيج 26 رپين ۾ تيار ڪرايو ويو هو. ٻن سالن کانپوءِ 26 وارو اگهه 11 رپيا اچڻ کانپوءِ ٽينڊر ڪاميٽي ڄاڻايل ٽينڊر کي سرد خاني حوالي ڪري ڇڏيو ۽ گهٽ اگهه ڏيندڙ ڪمپني کان مسلسل 40 سيڪڙو ڪميشن جو مطالبو ڪيو ويو پر ڄاڻايل ڪمپني ڪميشن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته ان هن ورڪ آرڊر جاري نه ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ڄاڻايل ٽينڊر ۾ ٻئي نمبر تي اگهه ڏيندڙ فرم سيڪريٽري بورڊ، چيئرمين سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ خط لکندي ورڪ آرڊر جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر سيڪريٽري بورڊ ضابطن ۽ قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ٻئي اگهه ڏيندڙ ڪمپني کي به ڪم نه ڏنو. ذريعن موجب لاڳيتو 9 مهينن تائين اهو ٽينڊر سرد خاني حوالي رهيو ۽ ڏهين درجي جي امتحانن جي نتيجن کان اڳ سيڪريٽري بورڊ ۽ ڪنٽرولر چيئرمين جي منظوري سان هڪ ڪروڙ رپين جي ڪوٽيشن تي وڏي ڪمپني نالي ڏنو جيڪا ڄاڻايل ٽينڊر جي ضابطن تي پوري نه پئي لٿي ۽ ان کي ڊس ڪواليفاءِ ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ڄاڻايل فرم جنهن کي ڪم ڏنو ويو ان في پيج 18 رپيا اگهه لڳايو جڏهن ته ان ئي ڪم جو اگهه ٽينڊر ۾ 11 رپيا آيو هو
ٺل ۾ ميٽرڪ جي شاگردن کان پئسا وٺي ٻيا اميدوار ويهارڻ جو انڪشاف
ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ شاگردن کان نائين ۽ ڏھين جي امتحانن ۾ 12، 12 ھزار وٺي سندن جاءِ تي ٻيا اميدوار ويھاري امتحان وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آھي اھڙو انڪشاف ٺل جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جونگل جي شاگرد سراج ميراڻي پاران ھاءِ اسڪول ۾ پرنسپال آفيس پرنسپال مختيار ٻرڙو آڏو استاد امجد پھوڙ ۽ ڌڻي بخش چنو خلاف دانھيو ته امتحان ۾ سندس جاءِ تي ٻيو اميدوار ويھارڻ جي عيوض 12 ھزار استاد امجد پھوڙ ۽ ڌڻي بخش چنو کي ڏنا، جنھن ذمو کنيو ته امتحان ۾ اسان توکي پاس ڪرائينداسين پر مان ھاڻ فيل ٿي پيو آهيان، مون سان انصاف ڪيو وڃي، اھڙي دانھن بعد الزام هيٺ آيل استاد امجد پھوڙ ۽ ڌڻي بخش چنو آپي مان ٻاهر نڪري ويا ۽ شاگرد کي پرنسپال آفيس ۾ پرنسپال مختيار ٻرڙو آڏو گارگند ڪيو ۽ ڌمڪيون پڻ ڏنيون، جنھن تي استاد وچ ۾ پئجي جھيڙي کي ٽاري ڇڏيو، ان خلاف شاگرد سراج ميراڻي پريس ڪلب ٺل آڏو احتجاج ڪندي دانھيو ته مان غريب ھيس مون کي پئسا به نه ھئا، مان زمين جو ڀاڻ کپائي استادن کي پئسا ڏئي امتحان ڏنو، پوءِ به مون کي فيل ڪيو ويو، جيڪا مون سان ناانصافي آھي، ھن چيو ته استاد امجد پھوڙ وڏيرو آھي، مون کي گارگند ڪئي ۽ تشدد پڻ ڪيو، ھن تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن استاد امجد پھوڙ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگھيو