پ پ وفد جي فضل الرحمان سان ملاقات: آئيني مسودي تي مشاورت
آڪٽوبر 11, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مولانا فضل الرحمان سان پيپلز پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. پ پ چيئرمين مولانا فضل الرحمان کي سندن تجويزن جي منظوري جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. مرتضيٰ وهاب، شيري رحمان ۽ نويد قمر مولانا فضل الرحمان جي گهر ملاقات ڪئي. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته مولانا سان هميشه سٺي ملاقات رهي. فضل الرحمان سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري سمورين سياسي پارٽين کي صلاح مشوري لاءِ چيو آهي. صحافي سوال ڪيو ته ڇا آئيني ترميم 25 آڪٽوبر کان اڳتي به وڃي سگهي ٿي. ؟ شيري رحمان جواب ڏنو ته ڇو نٿي وڃي سگهي. صحافي سوال ڪيو ته ڇا آئيني ترميم تي گڏيل ڪميٽي ٺاهي سگهجي ٿي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته سڀ الڳ الڳ ڪميٽيون ڪم ڪري رهيون آهن. صحافي سوال ڪيو ته سيد خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ خصوصي ڪميٽي جو اڄ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀ پارٽيون پنهنجو ڊرافٽ رکنديون. شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجون تجويزون رکندي، ٻيون پارٽيون رکنديون يا نه، اها سندن مرضي آهي. صحافي سوال ڪيو ته ڇا ميان نواز شريف فوجي عدالتن کي آئيني ترميم ۾ شامل نه ڪرڻ جي مولانا جي تجويز کي تسليم ڪيو آهي؟ ڄاڻايل سوال جو شيري رحمان جواب ڏيڻ کان لنوائي وئي. صحافي سوال ڪيو ته بار بار ملاقاتون ڇو ٿي رهيون آهن ڇا ناڪام ٿي رهيون آهن؟ شيري رحمان چيو ته سياست ۾ اتفاق راءِ لاءِ اهڙيون ملاقاتون بار بار ڪرڻيون پونديون آهن، پوءِ ئي اتفاق راءِ ٿيندي آهي.