پ پ سينيٽر سيف الله ڌاريجو جي سنگين الزامن بعد شهيد ڊي آءِ جي عبدالعزيز بلو جي خاندان جو موقف به سامهون اچي ويو

جُون 20, 2024

پ پ سينيٽر سيف الله ڌاريجو جي سنگين الزامن بعد شهيد ڊي آءِ جي عبدالعزيز بلو جي خاندان جو موقف به سامهون اچي ويو، بلو خاندان سان تعلق رکندڙ جي يو آءِ اڳواڻ ذڪريا خان بلو وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪڏهن به نفرتن جي سياست نه ڪئي آهي، اسان جي خاندان جو ڏوهن سان ڪو تعلق نه آهي، سينيٽر سيف الله ڌاريجو 2010 جي مها ٻوڏ دوران اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي، سيف الله ڌاريجو ڪوڙا بل ٺاهي اربين روپيا ڪمائي پرڏيهه ڀڄي ويو هو، گذريل ڏينهن سينيٽر سيف الله ڌاريجو چونڊن ۾ سندس ڀاءُ آڏو بيٺل جي يو آءِ اڳواڻ مبين خان بُلو جي ڪٽنب تي الزام هڻندي چيو هو ته شهيد ڊي آءِ جي عبدالعزيز بُلو جي خاندان جا ڪجهه ماڻهو غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آهن، پنو عاقل مان اغوا جي واردتن ۾ اُنهن جو هٿ آهي، جيڪي به اغوا ٿين ٿا، اُنهن جا پيرا عبدالعزيز بُلو جي گهر جي ماڻهن ڏانهن ويندا آهن، پ پ سينيٽر وارننگ ڏني ته اُهي ماڻهو غيرقانوني سرگرمين کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ هو پاڻ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندو

Leave A Comment