پي ٽي آءِ پاران عدت نڪاح ڪيس جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

جُون 27, 2024

تحريڪ انصاف پاران عدت نڪاح ڪيس ۾ سزائون برقرار رکڻ واري فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڪيس ۾ ڪو به مونجهارو نه هو، ٻين ڪيسن جيان هن ڪيس مان به پي ٽي آءِ باني بري ٿيڻو هو، فارم 47 جي حڪومت سزا برقرار رکرائي نئين سياسي بحران کي جنم ڏنو آهي، فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، قيدين جي آزاديءَ تائين ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪنول شوزب چيو ته اڄ انصاف جو قتل ٿيو آهي، هڪ جعلي ڪيس ۾ اسان جي ليڊر کي اندر ڪيو ويو آهي

Leave A Comment