پي ٽي آءِ چيئرمين پارليامينٽرينز جي جسماني رمانڊ کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سيپٽمبر 10, 2024
اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين پارليامينٽرينز جي جسماني رمانڊ کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بئرسٽر گوهر چيو آهي ته شير افضل ۽ مون کي پارليامينٽ جي در تان گرفتار ڪيو ويو، سختيون ڪيون ويون، چادر ۽ چارديواري جي لتاڙ ڪئي وئي، اسيمبلي جي گيٽ ٻاهران پوليس مقرر هئي، مون پاڻ پنهنجي گرفتاري ڏني، پي ٽي آءِ اقتدار ۾ ايندي ته اين آر او جي قانون کي ريورس ڪنداسين، هن چيو ته پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز جي جسماني رمانڊ کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪنداسين، اسان جو جلسو شيڊول موجب ٿيندو، جلسن جو سلسلو جاري رهندو، هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي گرفتاري جي مذمت ڪريان ٿو، هي پارليامينٽ تي حملو آهي، پارليامينٽ اندران ڪا گرفتاري نٿي ٿي سگهي، اسپيڪر تي لازم آهي ته ڪارروائي ڪري. ڪٿي جلسو وقت تي ختم نه ڪرڻ کي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي.