ڪجهه سياسي عنصر معيشيت کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا : عطا تارڙ
مارچ 13, 2024
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف يورپي يونين کي پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءُ تارڙ چيو ته ڪجهه سياسي عنصر پنهنجي مقصد لاءِ ملڪي معيشت کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، هو آءِ ايم ايف کي پاڪستان سان معاهدو ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، انھن جي ڪوشش آھي تھ ملڪ جو ڏيوالو نڪري. پر شهباز شريف جي مثبت قدمن سبب ايئن نھ ٿي سگھيو
هن چيو ته قومي مفاد جو تحفظ اسان جي اولين ذميواري آهي پر هڪ سياسي پارٽي کي نه قومي مفاد نظر اچي ٿو ۽ نه ئي معيشت جي بحاليءَ جي پرواهه آهي
عطاءُ تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف کي خط لکي وڏي سازش ڪئي، وزيراعظم معيشت جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ملڪي معيشت کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو
وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ طرفان يورپي يونين کي چيو پيو وڃي ته پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس ورتو وڃي
عمران خان بابت هڪ سوال تي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني کي هفتي ۾ 4 ڏينهن ملاقات جي اجازت ڏني پئي وڃي، جيل مينوئل موجب قيدي کي هفتي ۾ هڪ ملاقات جي اجازت آهي
عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ بهترين سهولتون ڏنيون ويون آهن، جيل مينوئل کان علاوه وڌيڪ سهولتن لاءِ عدالتن سان رجوع ڪيو وڃي، جيل ۾ توهان کي جيڪي سهولتون ملي رهيون آهن اهي ڪنهن به قيدي کي ناهن
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي هڪ باورچی خانه، هڪ اضافي ڪمرو ۽ گهمڻ لاءِ هڪ گيلري ڏني وئي آهي، هن جيل ۾ سوين ملاقاتون ڪيون آهن، پر هن جيل ۾ ڪا به گنجائش ناهي
سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ڊيرا غازي خان، ميانوالي ۽ اڊيالا جيل جو سڪيورٽي آڊٽ ڪيو پيو وڃي