پي ٽي آءِ صدر چوڌري پرويز الاهي جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو
مارچ 27, 2024
اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيل جي ذريعن موجب پرويز الاهي ڪجهه ڏينهن اڳ جيل اندر ڪري زخمي ٿي پيو هو، پرويز الاهي کي ساهه جي تڪليف به آهي، ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي جون اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين ۽ ڪجهه ٻيون چڪاسون ڪرايون وينديون