پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) اڪبر حسين کي فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ تي سزا ٻڌائي وئي

جُولاءِ 30, 2024

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) اڪبر حسين کي فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ تي سزا ٻڌائي وئي

آءِ ايس پي آر موجب رٽائرڊ آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل اڪبر حسين جو فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڪيو ويو ھو
ليفٽيننٽ ڪرنل اڪبر حسين کي فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي سزا ٻڌائي وئي ھئي
اڪبر حسين کي 10 مئي 2024 تي 14 سال سخت قيد جي سزا ٻڌائي وئي، بااختيار عدالت اڪبر حسين کي قانوني عمل ذريعي ’مجرم‘ قرار ڏنو
آءِ ايس پي آر موجب آفيسر جو درجو 26 جولاءِ 2024 تي ضبط ڪيو ويو هو، جڏهن ته اڳوڻي ميجر عادل فاروق راجا ۽ اڳوڻي ڪيپٽن حيدر رضا مهدي جو به ڪورٽ مارشل ڪيو ويو هو.
ٻنهي کي آرمي ايڪٽ تحت فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي سزا ٻڌائي وئي، عادل راجا کي 14 سال ۽ حيدر رضا مهدي کي 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي ھئي

آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي عادل راجا ۽ حيدر رضا مهدي جون پوسٽون به ضبط ڪيون ويون آهن
سزا 21 نومبر 2023 کان لاڳو هئي، ٻنهي کي رياست جي سلامتي ۽ مفاد خلاف ڪم ڪرڻ تي سزا ٻڌائي وئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار