بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي دهشتگرد ۽ ڏوهاري مافيا جي پراڪسي آهي، 9مئي تي موقف تبديل ناهي ٿيو نه ٿيندو: فوجي ترجمان
آگسٽ 5, 2024
راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف پاران بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي ۽ اُن جي قيادت نام نهاد، دهشتگرد ۽ ڏوهاري مافيا جي پراڪسي قرار، فوجي ترجمان چيو آهي ته 9مئي بابت فوج جي موقف ۾ نه تبديلي آئي آهي ۽ نه ايندي، جيڪو پڪڙجي وڃي، اُن کي قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ڪير فوج خلاف پروپگئنڊا ڪندو ته فوج اُن خلاف ڪارروائي ڪندي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته اهي بيانيو ٺاهي رهيا آهن ته پاڪستان جي مدد نه ڪئي وڃي، سفارتخانن آڏو احتجاج ڪرايا وڃن ٿا، ڇا اهو سڀ ڪجهه ائين ئي ٿي رهيو آهي؟ احتجاجن جا اسپانسرس آهن، جيڪي اُن جي قيمت گهرن ٿا ۽ اُها قيمت پاڪستان ۾ انتشار آڻڻ آهي، پاڪ فوج اهڙين ڌُرين کي سڃاڻي ٿي ۽ سندن آڏو بيٺي آهي، راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي خلاف پهرين دفائي لائين قانون آهي، پر قانون ڊجيٽل دهشتگردي خلاف اهڙو ڪم نٿو ڪري، جهڙو ٿيڻ گهرجي، ٻاهر ويهي ڳالهائيندڙ ڊجيٽل دهشتگرد بي ضمير آهن، جيڪي ڪجهه پئسن لاءِ ملڪ جي عوام ۽ ادارن خلاف ڳالهائين ٿا، پرنٽ ميڊيا ۾ 127 اهڙا مضمون ڇپايا ويا، جِن جو مقصد مايوسي پکيڙڻ هو. فوجي ترجمان چيو ته چيو پيو وڃي ته ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، فوج اڳ به چيو هو ته جيستائين معافي نه وٺندا ڳالهه نه ٿيندي، 9مئي بابت موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۽ اُن جي قيادت نام نهاد، دهشتگرد ۽ ڏوهاري مافيا جي پراڪسي آهي، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته ڪاميٽي کي پُرامن احتجاج جي اجازت ڏني ، پر هُنن باهيون ڏنيون ۽ رستا بلاڪ ڪيا، دشمنن سان سندن ڳٺ جوڙ آهي، فوج لاءِ اسمگلنگ بابت بيانيي تي ردعمل ظاهر ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهو چوڻ مناسب ناهي ته سرحدن تي ڪنڊيدار تارون هجڻ باوجود فوج جي مدد سان اسمگلنگ ٿيندي آهي، ايراني سرحد سان ڳنڍيل بلوچستان جي علائقن ۾ بنيادي سهولتون ۽ روزگار ناهي، اُتان جي ماڻهن جو دارومداد ايران سان وڻج واپار تي هوندو آهي، ايراني سرحد مڪمل بند ڪئي ته مافيا کي فوج خلاف بيانيو ملي ويندو، ايران مان ايندڙ تيل جي پَرمِٽ فوج جاري نه ڪندي آهي، ڪوشش آهي ته جيترو ٿي سگهي، ايران مان اسمگلنگ گهٽائي وڃي، افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون آهن پر اهو نٿا چئي سگهون ته اُتي پکي به پر نه هڻندو آهي، سرحدي اسمگلنگ ٻنهي ملڪن جي گڏيل قدمن سان روڪي سگهجي ٿي. فوجي ترجمان چيو ته پاڪستان فوج عوام لاءِ سماجي اڪنامڪ پروجيڪٽس ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي فلاحي ڪم آهن، فوج وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان تعاون ڪندي آهي، هن چيو ته گرين انيشيٽو تحت 8 لک بنجر زمين آباد ڪئي پئي وڃي، پاڪ فوج ٽيڪس جي مد ۾ به 23 ارب رپيا جمع ڪرائي رهي آهي، 2022-23ع ۾ به ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ تقريبن هڪ سئو ارب رپيا جمع ڪرايا، ايس آءِ ايف سي جي ذريعي فوج تي وڌندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي فوجي ترجمان چيو ته فوج قومي فوج آهي، غريب خاندان کان جوان ۽ آفيسر ايندا آهن، پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي اشرافيه نه آهن، اهي ميرٽ تي ٺهيل نظام تحت ڪم ڪندا آهن، فوج ڪنهن خاص سياسي سوچ، رخ، هڪ گروپ، پارٽي، هڪ مذهب ۽ مسلڪ کي کڻي ناهي هلندي، پاڪستان ۽ ترقي کي کڻي هلي رهي آهي، هن چيو ته مافيا سمجهي ٿي ته ان جي ڪاميابي عوام کي غريب رکڻ ۾ آهي، حڪومت قانون موجب ڪو ڪم ڏيندي جنهن ۾ پاڪستان جو فائدو هجي ته اهو ڇو نه ڪجي؟ اهي ڪم ڪندا اچون پيا ۽ ڪندا رهنداسين، ملڪ ۾ معاشي سيڪيورٽي چيلنجز آهن، حڪومت فوج کي ڪم ڏئي ٿي ته قومي فوج ڪردار ادا ڪندي، يوم استحصال جي موقعي تي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پاڪ فوج حق خود اراديت جي جدوجهد ۾ والاريل ڪشمير جي بهادر عوام سان گڏ آهي، ڀارتي قدم عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن ۽ خطي جي سلامتي لاءِ خطرو آهن.