پاڪستان ۽ ترڪيه پاران ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ تي اتفاق

مَي 20, 2024

پاڪستان ۽ ترڪيه پاران ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ تي اتفاق، پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سندس ترڪ هم منصب هاڪان فدان جي ملاقات بعد اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس

ٻنهي پرڏيهي وزيرن ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو

ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته اسحاق ڊار سان ملاقات مثبت رهي، اسان ٻطرفو واپار 5 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪنداسين

اسحاق ڊار چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ جاکوڙي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار جاري رهندو

Leave A Comment