پاڪستان ۽ چين جو سي پيڪ منصوبن تي سهڪار وڌائڻ جو عزم

مَي 5, 2024

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي

پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي وائس چيئرمين زينگ جيان بينگ جي گيمبيا ۾ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي 15هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ٿي

پرڏيهي کاتي چيو ته ٻنهي ڌرين گڏيل فائدي لاءِ ويجهي اقتصادي سهڪار ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پائيدار سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري تي زور ڏنو

 ملاقات دوران ٻنهي ملڪن سي پيڪ منصوبن تي سهڪار وڌيڪ وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو

Leave A Comment