پاڪستان آءِ ايم ايف قرض لاءِ آمريڪا کان ميچ هارايو: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
جُون 10, 2024
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته اسانجي ٽيم ڏاڍي مضبوط آهي، اسان [پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم] آمريڪا خلاف ميچ ڄاڻي واڻي ھارايو، ڇاڪاڻ ته اسانجو آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آھن، ڪالهه نيا ناظم آباد ۾ نيا ناظم آباد ۾ جمنازيم،اسپورٽس گرائونڊ، جامع مسجد ۽ فلاءِ اوور جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي صوبي جي عوام کي انفراسٽرڪچر جا بهتر نمونا ڏنا آهن. سنڌو تي جھرڪ- ملاڪاتيار پل ۽ ٻيو گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل، حيدرآباد ميرپورخاص روڊ، ڪراچي کان ٺٽو ڊبل ڪيريج وي ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس بين الاقوامي مڃتا حاصل ڪئي آھي. سنڌ حڪومت معياري زندگي گذارڻ لاءِ صحت، راندين ۽ تفريح جون سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ واري عزم تي قائم آهي. هن چيو ته حڪومت وٽ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ويزن آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو جي هدايتن تي صوبائي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهرن جي تعمير وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اسان روزانو 15 گهر ٺاهي رهيا آهيون، هن وقت تائين هڪ لک گهر مڪمل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 8 لک گهرن جي تعمير جو ڪم جاري آهي.