پاڪستان آءِ ايم ايف کي جولاءِ ۾ بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

مَي 15, 2024

پاڪستان آءِ ايم ايف کي جولاءِ ۾ بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ ناڻي واري وزارت جي اختيارين وچ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف کي ايندڙ سال جي بجيٽ جي هدفن بابت بريفنگ به ڏني وئي، آءِ ايم ايف پاران گردشي قرضن ۾ اضافي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، پاور سيڪٽر جي گردشي قرضن ۾ 150 ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي، پاڪستان هلندڙ سال جي آخر تائين گردشي قرض 2 هزار 3 سئو ارب روپين تائين محدود ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ذريعن موجب پاڪستان پاران آءِ ايم ايف کي جولاءِ ۾ بجلي ۽ گئس جي قيمت وڌائڻ جي خاطري به ڪرائي وئي، آءِ ايم ايف کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول مسخ نه ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي

Leave A Comment