پاڪستان هن وقت حالت جنگ ۾ آهي، نوجوان ملڪ ڇڏين پيا: چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

آگسٽ 28, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي قيام جي حامد مير جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن جوڊيشل ڪميشن ٺهي به وڃي ٿو ته ڪينيا وڃي جاچ نه ڪري سگهندي. چيف جسٽس عامر فاروق حامد مير جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته ڪينيا حڪومت پاران ڪنهن حد تائين رسائي ڏني وئي هئي، جنهن بعد فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ تيار ڪئي وئي هئي، جڏهن اها رپورٽ پبلڪ ٿي ته ڪينيا حڪومت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ رسائي ختم ڪري ڇڏي. ان بعد ڪينيا ۾ عام چونڊون ٿي ويون. ان بعد رپورٽ مڪمل ٿي وئي. معاهدي جو ڊرافٽ تيار ٿيڻ بعد ڪابينا منظور ڪري وتو. هاڻي ڪينيا موڪليو ويندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته درخواست جوڊيشل ڪميشن متعلق آهي، معاهدو ٿيو آهي يا ناهي ٿيو. جيڪو به آهي اِن تي پاڪستان جو ڇا موقف آهي؟ جي آءِ ٽي جو ڪهڙو پراسيس آهي؟ ڇا ڪندا آهن اهي؟ اٽارني جنرل ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ چيمبر ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ان معاملي کي ڏسي رهي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪو ڪجهه ڪالهه ٿيو پاڪستان هن وقت حالت جنگ ۾ آهي. هاڻي به نوجوان ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيا آهن. ارشد شريف به پاڪستان جو شهري هيو. عدالت ارشد شريف جي قتل جي جاچ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي قيام لاءِ حامد مير جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

Leave A Comment