پاڪستان بنگلاديش سان گڏ آهي، عمران شيخ مجيب کي هيرو چيو، مجسمو ڪريو ته بيانيو مٽائي ڇڏيو: حڪومت
آگسٽ 8, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته شيخ مجيب الرحمان کي هيرو قرار ڏيندڙ پي ٽي آءِ باني جي پارٽي ڍاڪا ۾ هڪ مجسمو ڪِرڻ تي بيانيو بدلائي ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته آئين چوي ٿو ته فلور ڪراسنگ نه ٿي سگهي، ڇا اسيمبلي ميمبر کان حلف ڇڏرائي نئين پارٽي جوائن ڪرائي سگهجي ٿي؟ رول موجود هو ته اميدوار ٽن ڏينهن اندر پارٽي ۾ شموليت ڪرڻي آهي، ان رول کي هاڻي قانون ۾ تبديل ڪيو ويو آهي
ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ٿيل قانونسازي پي ٽي آءِ تي پابندي ڏانهن ويندي. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل يا سندس چيئرمين اليڪشن ئي نه وڙهي، هڪ پارٽي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ناهي اوهان ان کي مخصوص سيٽون ڏئي ڇڏيون، ان ڌر کي رليف ڏنو ويو جنهن گهريو ئي ناهي، آئين چوي ٿو ته پارٽي کي مخصوص سيٽون متناسب نمائندگي تحت ملنديون، قانوني معاملن ۾ انصاف ٿيندو نظر به اچڻ گهرجي
سڌ سماءَ واري وزير وزير چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بنگلاديش جي عوام سان گڏ بيٺو آهي، بنگلاديش جي ماڻهن عزم ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو، سندن ٻاهر نڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي
بنگلاديش جي عوام جنهن جدوجهد جو مظاهرو ڪيو اِهو قابلِ تعريف آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني شيخ مجيب کي هيرو طور پيش ڪيو، هنن تقريرن ڪيون ته اسان جو ليڊر شيخ مجيب جهڙو آهي، تحريڪِ انصاف جي بدلجندڙ بيانيي سبب ماڻهو جو مٿو ڦري وڃي ٿو، هو به پرڏيهي مدد گهرندا رهيا هي به پرڏيهي مدد گهرندا رهيا
شيخ مجيب سان ڀيٽ ڪندا هئا هڪ مجسمو ڪرڻ سان بيانيو تبديل ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ باني پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪئي، هاڻي چئو نه شيخ مجيب اسان جو هيرو آهي
عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ڪالهه شهباز شريف کي حسينه واجد کان سکڻ جو مشورو ڏنو، ٻڌايو وڃي ته شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏيڻ واريون وڊيوز پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا هينڊلز تان شيئر نه ڪيون ويون ؟ جماعت اسلامي سان ڳالهين بابت پڇيل سوال تي وفاقي وزير چيو ته جماعت اسلامي سان خير خوبيءَ سان معاملا اڳتي وڌي رهيا آهن ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.