پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هنڊريڊ انڊيڪس ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 75 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪري وئي

مَي 15, 2024

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هنڊريڊ انڊيڪس ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 75 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪري وئي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات سان ئي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 5 سئو پوائنٽس کان وڌيڪ جو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو، هلندڙ ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 74 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪئي هئي، اقتصادي ۽ ڪاروباري ماهرن موجب آءِ ايم ايف سان هڪ نئين پروگرام لاءِ حڪومت جي ڳالهين ۽ ٻين مثبت اڳڀرائين سبب اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ اضافو ٿيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڃي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو هڪ سبب پرڏيهي سيڙپڪاري به آهي، ماهرن موجب هن وقت پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪافي خريداري ڪري رهيا آهن

Leave A Comment