پاڪستان کي آءِ ايم ايف قرض جي پهرين قسط هڪ ارب 2 ڪروڙ 69 لک ڊالرز ملي ويا
سيپٽمبر 28, 2024
ڪراچي (م ڊ) پاڪستان کي عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) قرض پروگرام جي پهرين قسط ملي وئي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ طرفان ست ارب ڊالر تي ٻڌل 37 مهينن جو قرض پروگرام منظور ڪرڻ بعد آءِ ايم ايف کان 1 ارب 2 ڪروڙ 69 لک ڊالرز جي پهرين قسط ملي وئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اِها رقم اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾جمع ڪئي ويندي جيڪا خميس ٽي آڪٽوبر 2024 تي جاري ڪئي ويندي. اسٽيٽ بئنڪ موجب آءِ ايم ايف جي قسط ملڻ کانپوءِ ناڻي ذخيرا 10 ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي سطح کان وڌي ويا آهن.