پاڪستان اڄ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر ٿيڻ لاءِ پرعزم

جُون 6, 2024

پاڪستان اڄ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر ٿيڻ لاءِ پرعزم، سلامتي ڪائونسل ۾ اڄ پاڪستان سميت 5 نون غير مستقل ميمبرز جي چونڊ ٿيندي، اڄ نوان چونڊجندڙ غير مستقل ميمبر ملڪ پهرين جنوري 2025 کان 31 ڊسمبر 2026 تائين ذميواريون سرانجام ڏيندا، نوان چونڊجندڙ غير مستقل ميمبر ملڪ جاپان، ايڪواڊور، مالٽا، موزمبيق ۽ سئيزرلينڊ جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندا، پاڪستان کي 53 رڪني ايشيائي گروپ جي حمايت حاصل آهي، پاڪستان اٺون ڀيرو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر بڻجندو، 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ 5 مستقل ۽ 10 غير مستقل ميمبر شامل آهن

Leave A Comment