جرمني ۾افغانين جو پاڪستاني سفارتخاني تي حملو: ڀڃ ڊاهه، پٿراءُ، قومي جهنڊو لاهي ساڙڻ جي ڪوشش، احتجاج

جُولاءِ 22, 2024

برلن / اسلام آباد: (م ڊ/ بيورو رپورٽ) جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ افغان شهرين احسان فروشي جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون، جرمني ۾ پاڪستاني قونصل خاني تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ پٿراءُ  ڪري ڏنو، جڏهن ته قومي جهنڊولاهي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستاني سفارتي اختيارين فرينڪفرٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزارت کان احتجاج ڪندي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ميڊيا رپورٽن موجب افغان شهرين فرينڪفرٽ ۾ احتجاج دوران پاڪستاني قونصل خاني تي حملو ڪيو، پٿراءُ ڪيو ۽ پاڪستاني جهنڊي کي لاهي ان جي بيحرمتي ڪئي جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، رپورٽن موجب افغان شهرين پاڪستاني جهنڊي کي ساڙڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. پاڪستاني اختيارين جو چوڻ هو ته پرڏيهي سفارتي ٺڪاڻن جي ذميواري جرمن حڪومت جي آهي انهي معاملي تي عالمي برادري ۾ به سفارتي ٺڪاڻن جي سيڪيورٽي جي معاملي تي ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي. فرينڪفرٽ ۾ جرمني اختيارين طرفان پاڪستاني سفارتي اختيارين کي مڪمل جاچ جو يقين ڏياريو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جرمن اختيارين سوشل ميڊيا تي انهي معاملي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جرمن اختيارين سان رابطي ۾ آهيون ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جي صورتحال پيدا نه ٿيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي، پاڪستاني برادري کي صبر ۽ پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. پاڪستاني سفارتي اختيارين موجب، جرمن پوليس شروعاتي جاچ ڪري پاڪستان اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج عنصر فرينڪفرٽ کانپوءِ اڄ برلن ۾ به احتجاج ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، جرمن اختيارين سوشل ميڊيا تي ان معاملي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قونصل خاني تي حملي ۾ وڊيوز جي مدد سان ڪنهن به پاڪستاني شهري جي ملوث هجڻ جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، سندن ڪارڊ بلاڪ ۽ پاسپورٽ منسوخ ڪيا ويندا. انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، واقعي ۾ سياسي عنصر ملوث ٿيا ته عمران خان انهن کي بچائي نه سگهندو.

Leave A Comment