پاڪستاني کجين جو دنيا ۾ اگهه ناهي،برسات کي منهن ڏيندڙ جنسون پوکڻيون پونديون: مراد علي شاهه

آڪٽوبر 5, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ کجيءَ جي پيداوار ۾ سنڌ 57 سيڪڙو سان سرفهرست آهي. پاڪستان کجي جي پيداوار ۾ پنجون وڏو ۽ کجي برآمد ڪندڙ ٽيون وڏو ملڪ آهي،  عالمي سطح تي پاڪستاني کجين جو اگهه ناهي، انهي ڪري آبادگارن کي برساتن کي برداشت ڪندڙ ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ جنسون  پوکڻيون پونديون، جڏهن ته ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو. ڪالهه هتي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪستان جي پهرين انٽرنيشنل ڊيٽ فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي  هن چيو ته سڄي دنيا ۾ کجي کي ناڻي وارو فصل سمجهيو ويندو آهي، اهو غذائي ۽ معاشي لحاظ کان اهم فصل آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 252000 ايڪڙن تي کجي پوکيل آهن. 2022ع ۾ 7 لک 30 هزار ٽن پيداوار سان پاڪستان عالمي کجيءَ مارڪيٽ جو هڪ اهم ڀائيوار بڻجي ويو آهي. وڏي وزير کجيءَ جي پيداوار ۾ سنڌ جي نمايان ڪردار تي فخر ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪل پيداوار جو 57 سيڪڙو سنڌ پيدا ڪري ٿي. جڏهن ته بلوچستان ساڍا 33 سيڪڙو پيداوار سان ٻئي ۽ ڪي پي 2.5 سيڪڙو پيداوار سان ٽئين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ خيرپور کجي جو مرڪز آهي، جتي اصيل سميت 300 کان وڌيڪ قسمين جي کجي ٿئي ٿي. قومي پيداوار ۾ اصيل جو حصو 70 سيڪڙو آهي. هن چيو ته وفاقي فوڊ سيڪيورٽي وزارت نار وارن ملڪن جي طرز تي ٿر ۾ کجي جي پوک شروع ڪئي آهي. ڪيترن ئي تجربن کانپوءِ کجيءَ جي 38 قسمن جي نشاندهي ڪئي وئي جن مان 8 وڏي پيماني تي پوکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ کجي جا اڪثر قسم روايتي ۽ مقامي آهن، جيڪي سڌي ريت برآمد لاءِ مناسب ناهن. اسان جي کجي برساتن کي برداشت ڪرڻ جي قابل ناهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي آبادگارن کي وڏو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي. انهي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي نار وارن ملڪن مان برسات برداشت ڪندڙ قسمون درآمد ڪرڻيون پونديون يا وري جديد تحقيق ذريعي نيون قسمون تيار ڪرڻيون پونديون. ٽشو ڪلچر ٽيڪنالاجي پڻ کجي جي اعليٰ قسم جي حاصلات ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وڏي وزير چيو ته صدر آصف زرداري کجي فيسٽيول ۾ شريڪ ٿيڻ چاهيو پي، اسلام آباد ۾ مصروفيتن سبب هو شريڪ نه ٿي سگهيو، تقريب ۾ وڏي وزير بهترين آبادگارن کي سرٽيفڪيٽ ۽  روڪ انعام پڻ ڏنا. انهي کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ يو اي اي جي سفير حماد عبيد الزبي سان گڏجي ربن ڪاٽي ڊيٽ فيسٽيول جو افتتاح ڪيو، ٻئي طرف  شبير ديوان جي اڳواڻي ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو صوبائي حڪومت صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل تجويز ڏني ته انفراسٽرڪچر سيس 1.8 مان گھٽائي 1.2 سيڪڙو ڪيو وڃي. وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو سندن تجويز تي غور ڪندو. وفد بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ انهي جي صنعتي شعبي تي ناڪاري اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هنن صنعتي شعبي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ جي پڻ تجويز ڏني. موٽ ۾ وڏي وزير مثبت معاشي اشارن ۽ وياج جي شرح ۾ تازي گهٽتائي جو ذڪر ڪيو. وڏي وزير تجويز ڏني ته وفاقي حڪومت رات جي شفٽ شروع ڪندڙ صنعتن کي بجلي جي قيمتن ۾ خاص رعايت ڏئي، جنهن سان پيداوار ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وڏي وزير ۽ پي بي سي وفد مسئلن تي وڌيڪ غور ۽ انهن جي حل لاءِ هڪ ٻي ملاقات ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار