فلسطيني رياست قائم ٿيڻ تائين اسرائيل کي تسليم نه ڪنداسين: سعودي ولي عهد جو اعلان

سيپٽمبر 19, 2024

جده (م ڊ) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان واضح ڪيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪنداسين

رياض ۾ سعودي مجلس شوريٰ جو ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان خاص طور تي شرڪت ڪئي

ان موقعي تي شهزاده محمد بن سلمان چيو ته فلسطيني قوم خلاف اسرائيل جي سنگين حملن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. فلسطين مسئلو سعودي عرب جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي

سعودي ولي عهد جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ وارن ملڪن جا ٿورائتا آهيون. سعودي عرب فلسطيني رياست جي ڪوششن لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي

شهزاده محمد بن سلمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلسطيني رياست جي قيام تائين اسان اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪنداسين.

Leave A Comment