پنوعاقل: ڌاڙي جي واردات دوران نينگر جي اغوا خلاف وارثن ۽ شهرين جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو

مَي 14, 2024

پنوعاقل شهر ۾ ڌاڙي جي واردات دوران نينگر جي اغوا خلاف وارثن ۽ شهرين جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ايس ايس پي سکر عابد بلوچ مظاهرين سان ڳالهين لاءِ ڌرڻي ۾ پهچي ويو، ايس ايس پي جي درخواست تي مظاهرين قومي شاهراهه تان ڌرڻو ختم ڪري پنوعاقل ٿاڻي آڏو ويهي رهيا، رينجرز جو ونگ ڪمانڊر به ٿاڻي تي پهچي ويو، مهراڻ اسڪول ويجهو هٿياربندن اڄ هڪ گهر ۾ گهڙي لکين روپين جي ڦرلٽ بعد معصوم ٻار کي به اغوا ڪري ورتو، هٿياربندن شهري اڪرم آرائين جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻايو، ڏوهاري لکين روپين جي ڦرلٽ ڪرڻ بعد 6 سالن جي نينگر حسن راجپوت کي به اغوا ڪري ويا، نينگر جي وارثن پاران هڙتال جي سڏ تي شهر ۾ جزوي طور ڪاروبار بند، بائجي چوڪ کان شهرين پاران احتجاجي ريلي به ڪڍي وئي، آءِ جي سنڌ کي نينگر بازياب ڪرائڻ جي اپيل

Leave A Comment