پارليامينٽ هائوس ڪوئا اچي ويا، ٻليون رکڻ جو فيصلو
آگسٽ 20, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) پارليامينٽ هائوس ۾ ڪوئن کي مارڻ لاءِ شڪاري ٻلين جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ 12 لک رپيا بجيٽ پڻ رکي وئي آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪوئا کائيندڙ ٻلين جي مدد ورتي ويندي، ڪوئا پڪڙڻ لاءِ ڄار لڳل خصوصي کڙڪيون به لڳايون وينديون، سي ڊي اي ڪوئا پڪڙڻ لاءِ خانگي شعبي جي به خدمت حاصل ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ هائوس جي ڇت جي سيلنگ سبب ڪوئا وڌي ويا آهن. ڪوئا سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مختلف کاتن ۾ نقصان پهچائي رهيا آهن، جڏهن ته ڪوئن پارليامينٽ جي ڪيترن ئي آفيسن ۾ فائلن کي به نقصان پهچايو آهي، قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته ڪوئن جي خاتمي لاءِ سي ڊي ي ڪاروائي ڪندي.